سڀا ۽ سمتي

سڀا ۽ سمتي: سنڌ ۽ هند ۾، رگ ويد واري زماني ۾ ’راڄ درٻار‘ يا ’راڄ جماعت‘ جي ميڙن کي ’سڀا‘ ۽ ’سمتي‘ سڏيو ويندو هو. اُهي ميڙ الڳ الڳ سياسي ڪائونسلن ۽ اسيمبليءَ جي حيثيت رکندا هئا. ’سڀا‘ جي معنيٰ ميڙ، درٻار، منڊلي ۽ جماعت آهي، جڏهن ته ’سمتيءَ‘ جي معنيٰ اهڙي جماعت، جنهن جو تعلق جنگ ۽ جنگ جي فن سان هجي. ’سمتي‘ ڪوٺائڻ جو رواج، قديم راجائي ۽ مهاراجائي نظام ۾ رائج هو، ’سمتيءَ‘ جي روايت ۽ رواج قديم يورپ ۾ به ملي ٿو. هن گڏجاڻيءَ جو مقصد اهو هوندو هو ته جنگي مهندار ۽ سپهه سالار ملڪ جي راجا جي چونڊ ۽ دفاع توڙي لڙائيءَ جي تياريءَ لاءِ پنهنجي راءِ ظاهر ڪن. فوجي جٿن جي مهندارن جي راءِ جي قبوليت جي صورت ۾ فوجي جٿا نيزا ۽ ڀالا کڙڪائيندا هئا ۽ ناپسندگيءَ جي صورت ۾ خاموش ٿي بيهندا هئا. راجا سندن روش موجب فيصلو ڪندو هو. سمتيءَ ذريعي عام ڳوٺاڻا، رعيتي ۽ فوجي مسئلا حل ٿيندا هئا. ’سڀا‘ به قديم سنڌي ۽ آريائي لوڪن جي حڪومتي نظام جو حصو هئي، جنهن ۾ راجا جي چونڊ، تاجپوشي ۽ ٻين معاملن جي حل لاءِ رياست جي امير امرائن ۽ عام ماڻهن تي ٻَڌل شاهي درٻار ڪوٺائبي هئي. راجا جي چونڊ ۽ تاجپوشيءَ دوران ڀروارن رياستي راجائن کي به ڪوٺبو هو ۽ سندن تعظيم ڪئي ويندي هئي. ان زماني ۾ ’سڀا‘ ملڪي ڪائونسل ۽ جوڊيشل اسيمبليءَ وانگر هئي، جنهن ۾ حاضر ٿي راجا کي روزانو ملڪي ڪاروبار هلائڻو پوندو هو. سڀا ۾ وزير، مشير ۽ صلاحڪار موجود رهندا هئا، جيڪي راجا جي مدد ڪندا هئا. اهي مسئلا ڌرمي قانونن مطابق ڪيا ويندا هئا. سڀا جو اهو انتظام ڪيترين صدين تائين ننڍي کنڊ ۾ هلندو رهيو. موجوده وقت ۾ هندستان جي قومي اسيمبليءَ کي ’لوڪ سڀا‘ ۽ سينيٽ کي ’راجيه سڀا‘ سڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو